جعلي ڊگري ثابت ٿيڻ تي نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل کي عهدي تان هٽايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار احمد کي جعلي ڊگري ثابت ٿيڻ تي ملازمت تان هٽايو ويو.
ذريعن موجب نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار احمد جي ايم بي اي ڊگري تي صحيح ڪندڙ شخص ان وقت جارج ميسن يونيورسٽي آمريڪا جو صدر نه هو، جڏهن ته بي بي اي جي ڊگري ۾ ڪاليج جو ڏنل نالو حقيقت ۾ ڊگري جاري ڪرڻ وقت ٻيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا جي درخواست تي هائير ايجوڪيششن ڪميشن انڪوائري ڪئي، جنهن ۾ نادرا جي حاصل ڪيل ڄاڻ جي تصديق ڪئي وئي.
ذريعن موجب نادرا جي سبب ڄاڻايو نوٽيس تي ذوالفقار احمد مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن کانپوءِ نادرا چيئرمين هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ شوڪاز جي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ذوالفقار احمد کي ملازمت تان هٽايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.