اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سرڪاري ادارن جي ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال ڪرڻ جي تجويز وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي، اها تجويز رڳو سويلين ادارن تي لاڳو ٿيندي.
ناڻي واري وزارت طرفان رٽائرمينٽ جو مدو گهٽائڻ جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي پر اڃا شروعاتي تجويز غور هيٺ آهي.
ذريعن موجب جيڪڏهن رٽائرمينٽ لاءِ عمر جي نئين حد مقرر ڪئي وڃي ٿي ته ڪيترائي بيورو ڪريٽس رٽائر ٿي سگهن ٿا پر بيورو ڪريسي جلد رٽائرمينٽ جي حق ۾ ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف طرفان حاضر سروس ملازمن کي ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم ۾ آڻڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.
عالمي مالياتي ادارو چاهي ٿو ته سمورن حاضر سروس ملازمن کي نون ڀرتي ٿيندڙن جيان ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم جو حصو بڻايو وڃي.
You might also like