اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي پهرين جج جسٽس عائشا ملڪ چيو آهي ته اڄ تائين ڪير نٿو ٻڌائي سگهي ته ملڪ ۾ ڪيترا ريپ جا واقعا ٿيا، جنسي زيادتي جي ڪيسن جي ڪا ڊيٽا ئي موجود ناهي.
اسلام آباد ۾ صنفي بنياد تي تشدد بابت سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس عائشا ملڪ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، ان جو مقصد اولهه ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ناهي پر اسان چاهيون ٿا ته عورتن کي عزت سان جيئڻ جي مڪمل آزادي هجي، احترام ۽ بنيادي حقن جي فراهمي ئي عورتن کي بااختيار بڻائي ٿي.
هن چيو ته صنفي بنيادن تي تشدد جو خاتمو ڪڏهن به اسان جي معاشري جي ترجيح ناهي رهيو، اڄ تائين ڪير نٿو ٻڌائي سگهي ته ملڪ ۾ ريپ جا ڪيترا واقعا ٿيا، جنسي زيادتي جي ڪيسن جي ڪا ڊيٽا ئي موجود ناهي، اهو چوڻ درست ناهي ته ملڪ ۾ قانون موجود ناهي.
سندس چوڻ هو ته زيادتي جي ڪيسن بابت خاص عدالتون به قائم ڪيون ويون آهن، مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، عورتن کي رڳو ماءُ ۽ ڀيڻ چوڻ ڪافي ناهي، کين تحفظ ڏيڻ ضروري آهي.
You might also like