”فيض حميد خلاف ڪارروائي سان موجوده قيادت جي خود احتسابي جي بيانيي کي هٿي ملندي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي جو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي ردعمل سامهون اچي ويو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته آءِ ايس پي آر جي پريس رليز موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي فرد جرم لاڳو ڪري فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي رسمي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته اهو عمل موجوده قيادت جي خود احتسابي جي بيانيي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ اهو تاثر ختم ٿيندو ته طاقتور احتساب کان مٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.