ڊربن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز هڪ نئون چئلينج آهي.
ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ کان اڳ پنهنجي بيان ۾ محمد رضوان چيو ته ٽيم آسٽريليا ۽ زمبابوي ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هتي به بهترين نتيجن لاءِ پرعزم آهيون.
اوپنر فخر زمان بابت هن چيو سڀ ڄاڻون ٿا ته فخر گيم چينجر آهي پر هو بيمار آهي ۽ اميد ته جلد صحتياب ٿي ٽيم ۾ واپسي ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اڄ رات 9 وڳي ڊربن ۾ کيڏي ويندي.
Prev Post
You might also like