ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا هٿان ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جو ڪيريئر ختم ٿيندي نظر اچڻ لڳو.
ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي، ميچ ۾ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيا.
ڀارت جي شرمناڪ شڪست کانپوءِ ڪرڪيٽ شوقين ڪپتان روهت شرما ۽ ڪوچ گوتم گنڀير تي ڏمرجي پيا ۽ ٻنهي کي شڪست جو ذميوار قرار ڏنو.
شوقينن بي سي سي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال ڪيو ته آسٽريليا هٿان شرمناڪ شڪست جي ذميواري ڪير کڻندو؟
مداحن سينيئر ڪرڪيٽرن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندي کين ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.
شوقينن چيو ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جو ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته روهت شرما ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ 3 ۽ 6، جڏهن ته ويرات ڪوهلي 7 ۽ 11 رنسون ٺاهيون.
You might also like