اسان مارچ جو فيصلو ڪيو ته ڪير رستو روڪي نه سگهندو: فضل الرحمان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان 17 تاريخ تي اسلام آباد مارچ جو فيصلو ڪيو ته ڪير رستو نٿو روڪي سگهي.
پشاور ۾ اسرائيلي مخالف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا ۽ اولهه دنيا انسانيت جا قاتل آهن، اسان فلسطينين سان گڏ بيٺا آهيون، حڪمرانن ۾ فلسطينين سان گڏ بيهڻ جي جرئت ڇو ناهي؟
هن چيو ته مدرسا رجسٽريشن معاملي تي اتحاد المدارس جو اجلاس گهرائي حڪمت عملي جوڙينداسين، حڪومتي اتحادين جي راضپي سان بل پاس ٿيو، تحريڪ انصاف کي به بل تي اعتراض نه هو پر ايوان صدر مان بل تي صحيحون نه پيون ڪيون وڃن، اها بدنيتي ۽ دوکي بازي ناهي ته ڇا آهي؟
سندس چوڻ هو ته ديني مدرسن جي بل جو ڊرافٽ حڪومت تيار ڪيو، بل اسيمبلي ۾ آيو ته ڪجهه قوتن ان کي روڪرائي ڇڏيو، انهن جي ليکي مولوي ٿڪجي پوندو، اسان مارچ جو فيصلو ڪيو ته ڪير رستو روڪي نه سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.