واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) شام ۾ بشار الاسد جي اقتدار جي خاتمي ۽ باغي گروهه طرفان اقتدار سنڀالڻ تي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ردعمل سامهون اچي ويو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جو شام سان ڪو واسطو ناهي، آمريڪا کي شام جي معاملي تي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته ٽرمپ دنيا ۾ جاري مختلف جنگين ۾ آمريڪي فوج جي شموليت کي نقصانڪار قرار ڏيندو آيو آهي.
You might also like