ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي چيو آهي ته ڀارت خلاف مضبوط پوزيشن وٺڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، آءِ سي سي کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته سڀني کي ڪرڪيٽ کيڏائڻي آهي يا پئسي کي اهميت ڏيڻي آهي، هن وقت پي سي بي جي پوزيشن ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ڀارت نه ٿو اچي ته اسان کي به نه وڃڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ 17 هين عالمي اردو ڪانفرنس جي سيشن کي خطاب ڪندي شاهد آفريدي چيو ته عمر رڳو هڪ انگ آهي، اِهو نه سوچيو ته بس هاڻي عمر ٿي وئي آهي، ڪراچي جي ترقي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو اهم ڪردار رهيو آهي.
پاڪستان جي نمائندگي بابت هن ٻڌايو ته جڏهن مشتاق احمد انجرڊ ٿيو ته کيس موقعو مليو، وسيم اڪرم ۽ وقار يونس کي نيٽ ۾ بيٽنگ پسند آئي.
سندس چوڻ هو ته هن جي هميشه کان اِها خواهش هئي ته ڪرڪيٽ کيڏي يا فوج ۾ وڃي، عمران خان کي ڏسي ئي ڪرڪيٽ شروع ڪئي، عمران خان نه هجي ها ته هو ڪرڪيٽر نه بڻجي ها.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته 1996ع ۾ سريلنڪا خلاف کيڏيل تاريخ ساز اننگز دوران پرسڪون هو ۽ ڪا به رٿابندي نه ڪئي هئي، بهتري لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه پنهنجون غلطيون قبول ڪرڻ آهي، ڪجهه ماڻهن کان برداشت نه ٿيندو هو ته هو ٽيم ۾ ڇو آهي.
اڳوڻي ڪپتان انڪشاف ڪيو ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جو اڳواٽ ئي پتو پئجي چڪو هو،پر سندس ڳالهين ته ڪنهن ڪارروائي نه ڪئي، جيڪو ملڪ سان برو ڪندو تنهن سان برو ئي ٿيندو آهي.
بالي ووڊ اداڪارا سونالي باندري جي سوال تي شاهد آفريدي مُرڪندي چيو ته ان چيپٽر کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو،بال ڄٻاڙڻ ۽ پِچ خراب ڪرڻ وارا ڪم نه ڪرڻ گهرجن پر ان وقت هو کٽڻ جي ڪوشش ۾ ائين ڪري ويٺو.
پنهنجي ناٺي کي ڪپتان بڻائڻ بابت شاهد آفريديءَ جو چوڻ هو ته هو شاهين کي ڪپتان بڻائڻ جي حق ۾ نه هو، بابر کانپوءِ بهترين چوائس رضوان ئي هو، پر جڏهن شاهين کي ڪپتان بڻايو ويو ته هڪ سيريز کانپوءِ کيس هٽائڻ غلط هو، کيس وقت ڏيڻ گهرجي ها، هتي مسئلو اِهو آهي ته چيئرمين جي تبديلي سان سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي.