نريندر مودي کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اڻڄاتل شخص طرفان قتل جي ڌمڪي ملڻ کانپوءِ سيڪيورٽي ادارا متحرڪ ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس کي وزيراعظم نريندر مودي کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي وارو پيغام مليو، جنهن نمبر تان پيغام وصول ٿيو، ان جي لوڪيشن راجسٿان رياست جي شهر اجمير جي آهي.
اڻڄاتل شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ممبئي پوليس ٽيم جوڙي اجمير رواني ٿي وئي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته صبح سوير ٽريفڪ پوليس جي هيلپ لائن تي وصول ٿيندڙ واٽس ايپ پيغام ۾ نريندر مودي کي نشانو بڻائڻ لاءِ بم ڌماڪو ڪرڻ جو ذڪر آهي.
اختيارين موجب ڌمڪي ڏيندڙ اڻڄاتل شخص مبينا طور ذهني مسئلن جو شڪار آهي ۽ ان وقت نشي جي حالت ۾ هو پر وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.