ڪولمبيا ۾ ٽارگيٽ ڪلر ”ڊول“ گرفتار

بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا ۾ ٽارگيٽ ڪلر عورت کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 23 ورهين جي عورت کي پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪيرن جوليٿ اوجيڊا روڊريگز نالي عورت جيڪا لا مونيڪا جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي معنيٰ ”دي ڊول“ آهي، کي ڪيترين ئي هاءِ پروفائل قتل جي وارداتن ۾ مبينا طور ملوث هجڻ تي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس وڌيڪ ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪري هٿيار ۽ گوليون برآمد ڪيون آهن ۽ سڀني کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.