شاهه رخ ۾ ماڻهپو ناهي رهيو: اڀيجيت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪيترن رومانوي فلمن ۾يادگار گيت ڳائيندڙ گلوڪار اڀيجيت ڀٽاچاريه شاهه رخ کي مغرور ۽ ساک کي ڇيهو رسائيندڙ انسان قرار ڏئي ڇڏيو.
مشهور ڀارتي گلوڪار اڀيجيت شاهه رخ خان جي ڪيئي فلمن لاءِ مشهور گيت ڳايا جنهن سبب هن تمام گهڻي شهرت ماڻي.
گلوڪار نوي جي ڏهاڪي ۾ شاهه رخ خان لاءِ ڪيئي گيت ڳايا ۽ پوءِ بالي ووڊ بادشاهه ۽ اڀيجيت وچ ۾ معاملا خراب ٿيڻ لڳا، ان معاملي تي هونئن ته گلوڪار خاموشي اختيار ڪئي هئي پر هاڻي هن ان تي کُلي ڳالهايو آهي.
اڀيجيت الزام لڳائيندي چيو ته شاهه رخ خان پهريان سٺو انسان هو، مشهور ٿيڻ کانپوءِ مغرور ٿي ويو جنهن بعد هن ساڻس ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هڪ ته کيس ڪريڊٽ ناهي ڏنو ويندو ٻيو وري سڀ کان اهم ڳالهه جڏهن اوهان جي عزت مجروح ڪئي وڃي ته پوءِ اوهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته هاڻي گهڻو ٿيو.
گلوڪار وڌيڪ چيو ته سندس شاهه رخ سان ڪائي رنجش ناهي پر سندن رشتو ٽٽي چڪو آهي، هاڻي شاهه رخ خان ايڏو وڏو اسٽار بڻجي ويو آهي جو انسان ناهي رهيو يا شايد کيس پنهنجي مقام جو اندازو ناهي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.