پي ايس ايل 10 جي ڊرافٽ تقريب پرڏيهه ۾ ڪرائڻ جي تجويز

پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين ايڊيشن جي ڊرافٽ جي تقريب پرڏيهه ۾ ڪرائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، پي ايس ايل ڏهه جي ڊرافٽ لاءِ انگلينڊ ۽ دبئي جو نالو سامهون آيو آهي، فرنچائزز جي راءِ آهي ته ڊرافٽ ٻاهرين ملڪ ڪرائڻ سان پي ايس ايل جي مقبوليت ۾ واڌارو ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرافٽ ٻاهرين ملڪ ڪرائڻ جي تجويز پي ايس ايل بابت ٿيل تازي اجلاس دوران سامهون آئي، اجلاس ۾ ڊرافٽ ۾ ناميارن رانديگرن کي شامل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ آءِ پي ايل جي معاهدن کان محروم رهندڙ رانديگرن کي ڊرافٽ ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو جڏهن ته پي سي بي ناميارن ڪرڪيٽرز کي ڊرافٽ ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.
ذريعن جوچوڻ آهي ته وڏن نالن لاءِ فرنچائز طرفان مالي مدد ڪرڻ لاءِ پي سي بي تي زور ڏنو ويو، ان کانسواءِ فرنچائز برطانوي رانديگرن لاءِ پي سي بي تي بورڊ سان رابطو ڪرڻ لاءِ زور ڏنو.
اجلاس ۾ پي ايس ايل جي شيڊيول ۽ وينيوز بابت تفصيلي گفتگو ڪئي وئي، پي سي بي 7 اپريل کان 20 مئي تائين پي ايس ايل 10 ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.
ياد رهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ۽ پنهنجي ليگ دوران آءِ پي ايل کانسواءِ پرڏيهي فرنچائز ليگز لاءِ رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.