مٺي ( پ ر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي شهر ۾روز مرھ جي کاڌ خورڪ جي غير معياري، صحت لاءِ هاڃيڪار وڌيڪ اگھ وصول ڪرڻ ۽ نقلي آنن جي وڪري ٿيڻ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي فريد حنيف کي فوري ڪاروائي ڪرڻ ۽ انهن شڪايتن جي ازالي جون هدايتون جاري ڪيون.اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي فريد حنيف شهر جي مختلف هوٽلن،بيڪرين ۽ دڪانن تي اوچتا ڇاپا هڻي اتي وڪرو ٿيندڙ روزاني استعمال جي شين جي چڪاس ڪئي.