ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماورا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته تازو ختم ٿيل ڊرامي ” جفا“ ۾ مڙس طرفان تذليل ۽ تشدد ڀوڳيندڙ ڊاڪٽر زويا جو ڪردار ادا ڪرڻ بعد ننڍپڻ جي ساهيڙين، شوبز سميت مختلف شعبن سان واڳيل طاقتور عورتن به ساڻس گهريلو تشدد برادشت ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
ماورا حسين هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته هن ڊرامي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اُهو لڳ ڀڳ هر گهر جي عورت جي ڪهاڻي آهي، هن معاشري ۾ عورتن مٿان تشدد ۽ اڻ وڻندڙ رويو عام آهي.
اداڪارا موجب، ڊرامي ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ خودمختيار عورت هئڻ باوجود مٿس مڙس جو تشدد ۽ نامناسب رويو ڏيکارڻ جو مقصد اِهو ئي هو ته پيغام ڏنو وڃي ته طاقتور ۽ مالي طور مضبوط هئڻ جو مطلب اِهو ناهي ته عورت سان ناانصافي نٿي ٿي سگهي.
ماورا حسين انڪشاف ڪيو ته ڊرامي ۾ ادا ڪيل ڪردار بعد کيس ننڍپڻ جي ساهيڙين به مڙسن جي تشدد، تذليل ڪرڻ باوجود ساڻن گڏ رهڻ جون ڪهاڻيون ٻڌايون.
هن چيو ته نه رڳو ساهيڙين پر شوبز سميت مختلف شعبن سان واڳيل طاقتور عورتن به مڙسن جو تشدد ۽ تذليل ڀوڳڻ جو انڪشاف ڪيو، جيڪو ٻڌي هوءَ دنگ رهجي وئي.