نيپرا حڪومت جي ونٽر پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا ) وفاقي حڪومت طرفان جمع ڪرايل ونٽر پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا پڌرائي موجب، ونٽر پئڪيج ذريعي صنعتي نيٽ ميٽرنگ ۽ ويلنگ واهپيدار به لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا، وفاقي حڪومت جي درخواست ۾ صنعتي نيٽ ميٽرنگ ۽ ويلنگ واهپيدار شامل نه ڪيا ويا هئا.
نيپرا موجب، ونٽر پئڪيج تحت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيندڙ واڌو يونٽ جي قيمت 26 رپيا 7 پئسا هوندي ۽ ان جو مدو ٽن مهينا ( ڊسمبر کان فيبروري ) تائين هوندو.
پڌرائي موجب، اِهو رليف يا لاٿ واهپيدارن کي ڊسمبر جي بلن ۾ فراهم ڪئي ويندي.
نيپرا طرفان آڪٽوبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 14 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي.
پڌرائي موجب، نوان اگهه ڊسڪوز جي سمورن واهپيدارن کانسواءِ لائيف لائين، پري پيڊ صارف، اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي لاڳو هوندا جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار ان کان آجا هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.