ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر شادي هالز تي ود هولڊنگ ٽئڪس لاڳو ڪري ڇڏيو، ٽئڪس هال مالڪن بدران بُڪنگ ڪرائيندڙ کان ڌار اوڳاڙي ويندي.
ڪراچي ۾ ايف بي آر اختيارين سان شادي هال ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، شادي جون تقريبن تي ڏهه سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس اوڳاڙي تي شادي هال مالڪن ۽ ايف بي آر ۾ معاملا طئي ٿي ويا.
صدر شادي هال ايسوسيئيشن رانا رئيس موجب، شادي هال ۾ تقريب ڪرڻ تي بُڪنگ ڪرائيندڙ پارٽي کان ڏهه سيڪڙو ود هولڊنگ ٽئڪس اوڳاڙي ويندي.
هن چيو ته ود هولڊنگ ٽئڪس وٺڻ جو فيصلو ايف بي آر اختيارين جي هدايت تحت ڪيو ويو، شادي هال جي ڪرائي کانسواءِ 10 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽئڪس به اوڳاڙي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته ود هولڊنگ ٽئڪس جي رقم جو شادي هال مالڪن سان ڪو تعلق ناهي، شادي جون تقريبون ڪندڙ شهرين کي گذارش آهي ته ود هولڊنگ ٽئڪس واري معاملي تي ايف بي آر پاليسين جو خيال رکو.
You might also like