پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي وزيراعظم مشيل بارنيئر خلاف بي اعتمادي رٿ منظور ڪئي وئي.
مشيل بارنيئر 3 مهينا وزيراعظم رهن کانپوءِ عهدي تان هٽي ويو، 577 رڪني پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي لاءِ 288 ووٽ گهربل هئا ۽ بي اعتمادي جي حق ۾ 331 ووٽ پيا.
وزيراعظم اسيمبلي مان منظوري بنا خاص اختيارن تحت بجيٽ لاڳو ڪئي هئي، جنهن تي اپوزيشن چيو هو ته بانيئر بجيٽ بابت اسان جا مطالبا نه ٻڌا.
واضح رهي ته مشيل بارنيئر کي صدر ايمانوئل ميڪرون 3 مهينا اڳ وزيراعظم مقرر ڪيو هو.
ان کان اڳ 1962 ۾ بي اعتمادي رٿ تي فرانس جي حڪومت ختم ٿي وئي هئي.
You might also like