مقبول وڊيو شيئرنگ ايپ يوٽيوب طرفان 2024ع ۾ پاڪستان جي ٽاپ ٽرينڊنگ وڊيوز جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
هلندڙ سال جي فهرست، ٽن ڪيٽيگريز تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ٽاپ ٽرينڊنگ وڊيوز، ٽاپ ميوزڪ وڊيوز ۽ ٽاپ ڪريئٽر شامل آهن.
سال 2024ع ۾، يوٽيوب نمايان ترقي ڪئي، پاڪستاني تخليقڪارن پهريان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ مواد اَپ لوڊ ڪيو، گذريل سال مقامي تخليقڪارن ذريعي اپ لوڊ ڪيل مواد جي ڪُل ڪلاڪن ۾ 60 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي.
هلندڙ سال انٽرٽينمينٽ جو شعبو سڀ کان اڳڀرو رهيو جنهن ۾ ڊراما ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلمون ٽاپ ٽرينڊنگ وڊيوز جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهن.
ٽاپ تخليقڪارن جي فهرست اهڙا ماڻهو شامل آهن جيڪي پنهنجي تخليقي صلاحيتن، سچائي ۽ جديديت واري انداز سبب لکين ماڻهن کي متاثر ڪندا رهيا آهن.
رجب ڪي فيملي، انايا ايشال فيملي، ارشد ريلز ۽ ڊاڪٽر امتياز احمد جهڙا چئنلز يوٽيوب تي مختلف آواز پيش ڪندا آهن جيڪي روزانو فيملي بلاگنگ کان ويندي لائيف اسٽائيل، هيلٿ ڪيئر ۽ تعليمي مواد تائين هر شئي جو خلاصو ڪندا آهن.
فهرست ۾ رجب جي فيملي جو پهريون نمبر آهي، جنهن بعد انايا ايشال فيملي، ارشد ريلز، يو آر ڪرسٽيانو رونالڊو، ڊڪي ڀائي، سسٽرولوجي، ڇوٽا علي وي لاگ، ڊاڪٽر امتياز احمد، شير از وليج وي لاگ ۽ فاطمه فيصل شامل آهن.
You might also like