هنوئي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي بينڪ فراڊ تي ويٽنام جي ٽائيڪون جي موت جي سزا کي برقرار رکيو ويو، ٽرونگ مائي لين موت جي سزا خلاف اپيل هارائي وئي.
ويٽنام جي هڪ عدالت 11 اپريل تي ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون ٽرونگ مائي لين کي 12.5 بلين ڊالر جي معاشي بدعنواني جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، اهو ويٽنام ۾ معاشي بدعنواني جو اڄ تائين سڀ کان وڏو ڪيس هو.
ٽرونگ مائي لين خلاف ان ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي جي شروعات 5 مارچ تي ٿي هئي ۽ مقرر تاريخ کان اڳ ئي ان ڪيس ۾ عدالت جو فيصلو به سامهون اچي ويو هو.
عدالتي فيصلي کان اڳ جاچ آفيسرن جاچ کانپوءِ ٽرونگ مائي لين ۽ ان سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث ڪيترن ئي ماڻهن تي غير قانوني طريقي سان سائيگون جوائنٽ اسٽاڪ بئنڪ مان 304 ٽريلين ڊونگ ڪڍڻ جو الزام هنيو هو.
جاچ اختيارين موجب 2018 جي منڍ کان وٺي آڪٽوبر 2022 تائين ٽرونگ مائي لين پنهنجي حقيقي سڃاڻپ لڪائڻ ۽ غير قانوني ڪم پورا ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ”شيل ڪمپنين“ لاءِ قرضن جي مد ۾ وڏي رقم حاصل ڪئي هئي.
Next Post
You might also like