اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي چوڪ تي احتجاج تي پي ٽي آءِ باني عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ بيرسٽر گوهر سميت 96 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، ڪوهسار پوليس ڪيس نمبر هڪ هزار 32 ۾ 96 جوابدارن جي گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا.
پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، شعيب شاهين، مراد سعيد، عمر ايوب، شير افضل مروت، فيصل جاويد، علي بخاري، عامر مغل جا به وارنٽ حاصل ڪيا.
عدالت طرفان زلفي بخاري، سلمان اڪرم راجا، رئوف حسن، علي زمان، پير مصور، ميان خليق الرحمان، سهيل آفريدي، شهرام ترڪئي، بريگيڊيئر (ر) مشتاق الله، ميجر (ر) راشد ٽيپو جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ ايم اين اي عبداللطيف، فاتح الملڪ، علي ناصر، صوبائي وزير رياض خان، خالد خورشيد جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
You might also like