راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ست نون ڪيسن ۾ گرفتاري وڌي وئي آهي.
پي ٽي آءِ باني خلاف 28 سپٽيمبر واري احتجاج تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي.
عمران خان کي ڇهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پراسيڪيوشن ٽيم طرفان پي ٽي آءِ باني جي وڌيڪ رمانڊ جي استدعا نه ڪئي وئي.
پراسيڪيوشن طرفان وڌيڪ رمانڊ جي استدعا نه ڪرڻ تي عدالت پي ٽي آءِ باني کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
ٻئي پاسي راولپنڊي پوليس ست نون ڪيسن ۾ عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي آهي.
ياد رهي ته 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ تي عمران خان خلاف ڪيس مختلف ٿاڻن ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.
You might also like