سنڌ جي وسيلن،پاڻي ۽ زمين تي قبضن لاءِ سردارن کي مضبوط ڪيو ويوآهي:قوم پرست/ترقي پسند اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻن چيو آهي ته ڀوتار، جاگيردار ۽ وڏيرا سنڌ جي لاءِ ناسور بڻيل آهن، اقتدار جا بکيا ڀوتار وفاداريون تبديل ڪرڻ ۾ دير به ناهن ڪندا، سنڌ جي وسيلن، پاڻي ۽ زمينن تي قبضي جي لاءِ رٿابندي سان ڀوتارن ۽ سردارن کي مضبوط ڪيو ويو آهي، عوامي آواز ميڊيا گروپ “سنڌ جو نعرو، ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو” جي سري هيٺ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ تي جس لهڻي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي صدر وسند ٿري چيو ته ڀوتارڪي نظام جي ڪري سنڌ جي سورن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ڀوتارن کي مضبوط ڪرڻ جي پويان هن ملڪ جونسگهاريون ڌريون ۽ ڦرلٽ ڪندڙ گروهه شامل آهن. هن چيو ته سنڌ جي حقن ۽ وسيلن تي سوديبازي به اهي ئي سردار ۽ ڀوتار ڪن ٿا، ڀوتار سنڌ جي تباهي ۾ حصيدار آهن، سنڌ ۾ جتي حڪومتون ۽ سگهارا هٿ ظلم ۽ بربريت ۾ شامل رهيا آهن اتي سنڌ جا سردار ۽ ڀوتار به پهرين صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، ان ڪري ڀوتارن مان جان آجي ڪرائڻي پوندي. هن چيو ته سردار ۽ ڀوتار اقتدار جا بکيا ۽ طاقت هر وقت پاڻ وٽ رکڻ جا خواهشمند رهيا آهن، گذريل 15 سالن ۾ سنڌ اندر اهي ڀوتار ۽ سردار وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڀوتارن ۽ سردارن کي رياست مضبوط ڪري سنڌ جي وسيلن، پاڻي ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ واري پنهنجي منصوبابندي تي عمل ڪندي رهي آهي. سنڌ ۾ سردارن ۽ ڀوتارن کي سڀ کان وڌيڪ پيپلزپارٽي مضبوط ڪيو آهي، پيپلزپارٽي کي رڳو سردار ۽ ڀوتار گهرجن ڇو ته اهي سنڌ جي وسيلن، پاڻي ۽ زمينن تي قبضو ڪندڙ پنجاب ۽ سگهارين ڌرين جا وفادار آهن. هن چيو ته سرداري ۽ ڀوتارڪو نظام هاڻ گهڻو وقت نٿو هلي سگهي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ “سنڌ جو نعرو، ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو” جي سري هيٺ ثقافت جو ڏينهن ملهائي تمام زبردست ڪم ڪيو، عوامي آواز ان تي جس لهڻي. هن چيو ته سنڌ ۾ جنرل ضياءَ کان وٺي جاگيردار، ڀوتار ۽ وڏيرا مضبوط ٿيڻ شروع ٿيا، هن وقت اڪثر وڏيرا ۽ ڀوتار پيپلزپارٽي ۾ آهن ۽ 15 سالن کان وڌيڪ رهندڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ اهي وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن، اهي ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪن پيا، انهن جي ڪري ڪنهن جي عزت محفوظ ناهي، ڀوتار سرڪار جا خزانا به لٽي رهيا آهن، ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪاري جا ڏينهن ملهائي هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪري ان ڀوتارڪي نظام کي پاڙ کان پٽڻ جي ضرورت آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته ڀوتار، جاگيردار ۽ وڏيرا سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهن، انهن کي رياست جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي، رياست انهن ۾ ساهه وجهندي رهي آهي. هن چيو ته انگريزن جاگيرون چند ماڻهن جي حوالي ڪيون ۽ اهي جاگيردار بڻيا، جيئن هو انگريزن سان وفاداري نڀائي رهيا هئا تيئن ئي هو اڄ به ڦرلٽ ڪندڙ ۽ عوام دشمن قوتن سان وفاداري نڀائين پيا. هن چيو ته ڀوتارڪي نظام اسان جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ثقافت ٿيندي ئي پورهيت ماڻهو جي آهي، جاگيردار ثقافت کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪندو آهي. هن چيو ته زرعي سڌارا جيستائين نٿا ٿين تيستائين اسان وٽ معاشي خوشحالي نه ايندي، ان ڪري زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي زمينون ڏنيون وڃن، جاگيرداري نظام جي ڪري ٿيندڙ ظلم ۽ بربيت جو خاتمو اچڻ کانسواءِ سنڌ ترقي نه ڪري سگهندي. جمهوري وطن پارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ نامياري بلوچ اڳواڻ رئوف خان ساسولي چيو ته سنڌ جي پورهيت ۽ مزدور عوام کي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ ثقافت جو ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهائڻ تي مبارڪون ڏيڻ سان گڏ اها به اپيل ڪيان ٿو ته هو ساڳي ئي انداز سان سردارن ۽ ڀوتارن کان نجات واري جدوجهد کي تيز ڪن. ڀوتارن ۽ سردارن کان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته سردارن، ڀوتارن، وڏيرن، چوڌرين، سرمائيدارن ۽ ان طبقي جي سمورن ماڻهن جي ڪري سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جو غريب عوام سورن ۾ آهي، ان ڪري سڄي ملڪ جي پورهيتن ۽ مزدورن گڏيل طور تي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ “سنڌ جو نعرو، ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو” جي سري هيٺ ثقافتي ڏينهن ملهائي جرئتمندي جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن کين سلام پيش ڪيان ٿو. رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته سردار ۽ ڀوتار سنڌ جي ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن جي قتلام ۾ ملوث آهن، انهن سردارن ۽ ڀوتارن کي سرڪار جي مڪمل مدد ۽ سهڪار حاصل آهي. حڪومتون به انهن جون آهن. هن چيو ته سنڌ جي خوشحالي سرداري نظام کان ڇوٽڪاري کانسواءِ ممڪن ناهي، اڄ سڄي سنڌ سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي، انتهاپسندي ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.