ممبئي (ويب ڊيسڪ) اجي ديوگن ۽ ڪاجول کي بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ جوڙين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ان جوڙي کي اڳ ۾ اسڪرين تي پسند ڪيو ويندهو، جنهن کانپوءِ حقيقي زندگي ۾ ٻئي جيون ساٿي بڻيا ته کين وڌيڪ ساراهيو ويو.
شادي کان اڳ اجي ۽ ڪاجول فلم ”عشق“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو، فلم کي رليز ٿئي 27 سال گذريا ته اجي انسٽاگرام تي پنهنجون ۽ زال جون تصويرون شيئر ڪيون.
پهرين تصوير ۾ ٻئي فلم عشق جي هڪ منظر ۾ خوش نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته ٻي تصوير تازي آهي، جنهن ۾ ٻئي حقيقي زندگي ۾ مسڪرائي رهيا آهن.
اجي ديوگن ڪيپشن ۾ لکيو ته ”عشق ۽ عشق جا 27 سال“.
جنهن جو مطلب ٿيو ته 27 سال اڳ فلم عشق رليز ٿي ۽ 27 سال اڳ ئي اجي ڪاجول تي فدا ٿي ويو هو.
اجي جي ان محبت ڀرئي پيغام واهپيدارن جون دليون کٽي ورتيون، انسٽاگرام تي هڪ مدح ڪمينٽ ڪيو ته اهو عشق ڪڏهن ختم نه ٿيندو، ٻئي لکيو ته سڀ کان پيارو لمحو.
واضح رهي ته اجي ۽ ڪاجول عشق کان اڳ به گڏ نظر آيا هئا پر عشق جي سيٽ تي ٻنهي کي هڪٻئي سان عشق ٿي ويو.
پوءِ ٻنهي 1998 ۾ رومانوي ڪاميڊي فلم ”پيار تو هونا هي ٿا“ ۾ ٻيهر گڏ ڪم ڪيو ۽ ايندڙ سال شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
Next Post
You might also like