ڪراچي ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڪاليج پروفيسر ۽ سندس زال فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپر هاءِ وي جمالي پل ڀرسان تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زال مڙس فوت ٿي ويا.
حادثي ۾ عبدالله ڪاليج جو پروفيسر طارق صلاح الدين ۽ سندس زال فوت ٿيا، جيڪي عزيز آباد جا رهواسي هئا، ٻنهي جا مڙهه اسپتال نيا ويا.
حادثي کانپوءِ ڊمپر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس کان حادثي بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.