بلاويو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 57 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
بلاويو ۾ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون.
عثمان خان 39 ۽ طيب طاهر 39-39 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، عرفان نيازي 27، صائم ايوب 26، عمير يوسف 16، ڪپتان سلمان آغا 13 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 15.3 اوورن ۾ 108 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سڪندر رضا 39، ماروماني 33 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
پاڪستان طرفان ابرار احمد ۽ صفيان مقيم 3-3، حارث رئوف 2، جهانداد خان هڪ وڪيٽ ورتي.
You might also like