دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ڀارت جي هندو انتهاپسند جماعت بي جي پي سان واسطو رکندڙ گهرو وزير اميت شاهه جي پٽ جي شاهه آءِ سي سي چيئرمين شپ جي چارج سنڀالي ورتي.
آءِ سي سي به تصديق ڪري ڇڏي آهي ته جي شاهه آءِ سي سي چيئرمين طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ جي شاهه چيو ته آءِ سي سي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان، اسان اولمپڪس 2028 جي تياري ڪري رهيا آهيون، راند کي شوقينن لاءِ وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن خبرون سامهون آيون هيون ته چيمپيئنز ٽرافي جي معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بي سي سي آءِ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ کانپوءِ آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جي ملازمت جي مدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري سگهجي ٿي.
پر هاڻ اطلاع آهن ته چيمپيئنز ٽرافي جو معاملو سڀاڻي تائين حل ٿيڻ جي اميد آهي، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته آءِ سي سي بورڊ ميمبرن جي ميٽنگ ۾ ووٽنگ کان اڳ ئي چيمپيئنز ٽرافي جو معاملو حل ٿي ويندو.
جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آءِ سي سي پاڪستان جي فارمولي کي تسليم ڪن ٿا ته پوءِ ايندڙ ٽن ورهين تائين نه ڀارتي ٽيم پاڪستان اچي کيڏندي ۽ نه پاڪستان ٽيم ڀارت وڃي ميچون کيڏندي، ان ماڊل کي هائبرڊ بدران ٻيو ڪو نالو ڏنو ويندو.
Next Post
You might also like