سيڪيورٽي فورسز جون خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون، 8 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيپٽن سميت ٻه جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون ڪندي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب بنون ضلعي جي علائقي بڪاخيل ۾ آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ٻي ڪارروائي خيبر ضلعي ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ 2 کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائين دوران پاڪ فوج جا ٻه جوان به شهيد ٿي ويا، خيبر ۾ ڪارروائي دوران لاهور سان واسطو رکندڙ 25 ورهين جو ڪيپٽن محمد زوهيب الدين، جڏهن ته بڪاخيل ۾ آپريشن دوران جهنگ واسي 29 ورهين جو سپاهي افتخار حسين شهيد ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.