ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ پشتون خوا ميپ جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي تشدد جي الزام ۾ وزيراعظم، گهرو وزير، آءِ جي اسلام آباد خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، عمران خان اليڪشن کٽي ويو پر پوءِ به جيل ۾ آهي، کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.
هن چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ هزارين ڪارڪنن کي گولين جو نشانو بڻايو ويو، معاملي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان ادارن مان نااميد ٿي چڪا آهيون، هر ادارو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪري ته ملڪ بحران مان نڪري سگهي ٿو.
You might also like