اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مبينا آئس برآمدگي ڪيس ۾ گرفتار صحافي مطيع الله جان جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا رمانڊ منظور ڪيو.
صحافي مطيع الله جان کي اي نائن چيڪ پوسٽ تان گرفتار ڪري ماگلا پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر موجب مطيع الله جان جي گاڏي کي 28 نومبر جي رات اسلام آباد ناڪي تي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو پر گاڏي جي ٽڪر سان ڊيوٽي تي مقرر ڪانسٽيبل مدثر زخمي ٿي پيو.
گاڏي بيهڻ تي مطيع الله سرڪاري هٿيار کسي اهلڪار کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني، جوابدار نشي ۾ هو.
Next Post
You might also like