ڊي چوڪ تي ڪنٽينر تان نوجوان کي ڌڪو ڏيڻ واري وڊيو وائرل

اسلام آباد(م ڊ) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران سيڪيورٽي اهلڪار ڊي چوڪ تي ڪنٽينر تي ويٺل هڪ شخص کي هيٺ لاهي رهيا آهن، ان بابت پي ٽي آءِ جي حامين دعويٰ ڪئي ته سندن ڪارڪنن کي اهلڪارن ڪنٽينر تان ڪيرائي ماري  ڇڏيو آهي، ان بابت بي بي سي حقيقت معلوم ڪئي آهي ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ رکيل ڪنٽينر جي ڇت تي هڪ شخص نماز پڙهي رهيو آهي، ان دوران چار رينجرز اهلڪار پهچي ويا، جن کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان شخص پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪنٽينر جي ڪنڊ ۾ جهلي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران هو هيٺ ڪري پيو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته همراهه هيٺ ڪرڻ بعد فوري طور تي اٿي وڃي ٿو، سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.