اسلام آباد(مدثر نظر سنگراسي)سخت ترين حفاظتي انتظامن ۽ رڪاوٽن باوجود ماضي ۾ پنڪي پيرڻي جو ساٿ ڏيندڙ ”ملائڪن ۽ عاملن“ ئي اڳوڻي خاتون اول کي ڊي چوڪ تي پهچرايو ،ان کان پوءِ سموري گيم پيرڻي جي ڳچي ۾ پئجي وئي،بشريٰ بي بي اها خبر نه هئي ته جن ”مئوڪلن“ جو اها سهارو وٺي رهي آهي انهن مٿان به ڪو وڏو”جادوگر“ آهي پوءِ اڌ ڪلاڪ ۾ جيڪو جادو ڊي چوڪ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ نظر آيو اهو سموري دنيا ڏٺو، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور جي سرزمين تان فرار ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف ڀڃ ڊاهه جو شڪار نظر اچي رهي آهي،شوڪت يوسفزئي،شير افضل مروت خود عمران خان جي ڀيڻ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ڪردار تي جيڪي سوال اٿاري رهيا آهن اهي بجا آهن، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري به مهڻا پيو ڏئي ته ”جادوگرياڻي هارائي وئي،اسان جو جادوگر کٽي ويو“هن جو اشارو يقينن فوج جي سپهه سالار ڏانهن آهي،ڪارڪن بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور کي خراب لقبن سان پڪاري رهيا آهن،عمران خان خلاف به جوشيلن ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي،سياسي ڪارڪن کي مار پوڻ سٺي ڳالهه ناهي پر قيادت کان مس ڪلڪيوليشن ٿي آهي،ٻيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي جيڪي 100 ڪارڪنن جي شهيد ٿيڻ جي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي ان تي سوال اهو ٿو بڻجي ته جيڪڏهن ايتري انگ ۾ ڪارڪن مارجي ويا آهن ته انهن جا لاش ڪٿي آهن؟ بشريٰ بي بي جي پنهنجي مڙس کان به بغاوت ڪندي ڊي چوڪ تي وڃڻ جي ضد فائنل ڪال(آخري سڏ) جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻي ڇڏيو،ايندڙ ڏينهن ۾ اڊيالا جيل ويندڙ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ پنهنجي اسير باني کي اها ضرور ميار ڏيندا ته ڪارڪن اسان تي چڙيل آهن،هاڻي ڪنهن جا حڪم مڃون،توهان جا؟بشريٰ بي بي جا؟يا ڪور ڪميٽي جا؟ڪالهه رات تائين پرجوش ڪارڪنن سان خطاب ۾ اسلامي ٽچ ڏئي کانئن ساٿ نڀائڻ جا وچن وٺندڙ پنڪي پيرڻي پي ٽي آءِ جي هيل تائين ناڪامين جي ڪيلينڊر ۾ وڏن لفظن سان لکجندڙ بلنڊر جو اضافو ڪيو آهي،سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ تي ته بشريٰ بي بي جو ڪنٽرول آهي پر خود بشريٰ بي بي کي ڪير هلائي رهيو آهي؟ ڪو به جمهوري سمجهه سڃاڻ رکندڙ اڳواڻ اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي جهڙي بشريٰ بي بي ڪئي آهي،ائين چئجي ته بشريٰ پاڻ ئي پنهنجي ڪارڪنن سان جُٺ ڪئي آهي ته ڪو وڌاءُ نه هوندو،ڪالهوڪي آپريشن ۾ هڪ ٻيو خطرناڪ لاڙو پيدا ٿيو آهي اهو نسلي تعصب جو آهي جنهن کي پي ٽي آءِ من و عن اڀاري رهي آهي،انهن جي پروپيگنڊا آهي ته پختون جڏهن به اسلام آباد،پنجاب ڏانهن مارچ ڪن ٿا موچڙا کائي موٽن ٿا،علي امين گنڊاپور جو گولي جو جواب گولي سان ڏيڻ وارو بيان هلڪو نه وٺڻ گهرجي، ٻرندي تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي ان بيان تيل هاريو آهي ته ”تمام وڏو ٿورو پنجاب،،،،پنجاب زنده باد“ ان بيان کي پي ٽي آءِ وارا ان رخ سان پکيڙيندا ته پنجابي کين پنهنجي صوبي ۾ داخل ٿيڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو حق نٿا ڏين،پي ٽي آءِ جو جذباتي ورڪر سوشل ميڊيا جي ”مهربانين“ سان ان کي دل سان وٺي ڇڏيندو،نتيجو فيڊريشن جي وڌيڪ ڪمزوري جي صورت ۾ نڪرندو،بشريٰ بي بي جيڪڏهن ڊي چوڪ تي موجود هجي ها ته ڪارڪن به مزاحمت ڪن ها پر هن جي سياست ۾ انٽري ۽ غيردانشمنداڻن فيصلن سان مجموعي طور تي عمران خان جو نقصان ٿيو آهي جيڪو هن وقت ملڪ جي چوٽي جي مقبول اڳواڻ جو تاج پائي ويٺل آهي،بشريٰ بي بي پنهنجي پهرين ئي سياسي امتحان ۾ ناڪام وئي،هاڻي صورتحال اها آهي ته احتجاج دوران قيادت ۾ منصوبابندي، مشاورت ۽ رابطا ڪاري جي کوٽ ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ سندن لاءِ ٺٺول جو سبب بڻجي رهي آهي، حاصل نتيجو اهو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي ناڪامين،نادانين،ٻارائپ وارن روين مان ڪجهه به نه سکي سگهي،پارٽي جو وهنوار ائين ئي هلندو رهيو ته ويجهي مستقبل ۾ وري ڪنهن ”انقلابي سڏ“ تي شايد ئي ايتري انگ ۾ ڪارڪن نڪرن،پي ٽي آءِ جيڪڏهن جمهوريت لاءِ واقعي درد رکي ٿي ته ان کي اهي جمهوري رويا به اختيار ڪرڻا پوندا جيڪي ڪنهن سياسي تحريڪ جو بنيادي جز هوندا آهن،ڪارڪنن جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ پارٽيون ئي جٽادار جدوجهد سان رياست کي ڳالهيون ڪرڻ يا گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪنديون آهن،هيل تائين جي تجربن مان پي ٽي آءِ ۾ اهڙو ڪو لڇڻ نظر نه پيو اچي،ٻيو ته پارليامينٽ جو مورچو ڇڏڻ عمران خان جي سڀ کان وڏي غلطي آهي،کيس ان جي نقصان جو اندازو ئي ناهي، هيڏي ساري انگ جي پرجوش ڪارڪنن سان سموريون رڪاوٽون ٽوڙي اسلام آباد جي ريڊزون ۾ پهچڻ ۽ ان باوجود نتيجا حاصل نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ قيادت جي عقل ۽ سياسي حڪمت عملي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو،هاڻي ٿيندو اهو جو عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي،هن خلاف ڪيسن جون تڪڙيون ٻڌڻيون هلنديون،غالب امڪان آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي جنوري ۾ حلف کڻڻ کان اڳ ئي کيس 190 ملين پائونڊ يا ٻئي ڪنهن مضبوط ڪيس ۾ پڪي سزا ڏني ويندي،جنهن بعد آمريڪا لاءِ به اهو ممڪن نه هوندو ته خان کي اڊيالا جي قيد مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي.