ڪراچي واٽر بورڊ جون وفاقي ادارن ڏانهن 20 ارب جون رهتون، معاملو حڪومت آڏو اٿارڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ واٽر بورڊ جي وفاقي حڪومت جي ادارن اسٽيل ملز، پورٽ قاسم اٿارٽي، پاڪستان ريلوي، پي ايس او، سوئي سدرن گئس، ڪنٽونمينٽ بورڊز سميت ٻين ادارن ڏانهن 20 ارب روپين کان وڌيڪ جون رهتون وصول نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي، پي اي سيءَ وفاقي ادارن ڏانهن واٽر بورڊ جون پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي رهتن جي وصوليءَ جو معاملو وفاقي حڪومت سان ٽيڪ اپ ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت جي انهن لاڳاپيل ادارن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي سال 2019ع کان سال 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. واٽر بورڊ جي سي اِي او صلاح الدين احمد پي اي سي کي ٻڌايو ته 2016ع کان پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن واٽر بورڊ جون 10 ارب روپين کان وڌيڪ جون پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ رهتون آهن جيڪي وفاقي حڪومت ادا نه ڪري رهي آهي، جڏهن ته رهتون ادا نه ڪندڙ ٻين وفاقي حڪومت جي ادارن م ڪي پي ٽي، سوئي گئس، پي ايس او، پاڪستان ريلوي، پرنٽنگ ڪارپوريشن، ميرين فشريز، ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن، ڪراچي شپ يارڊ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پي آءِ اي، ڪنٽونمينٽ بورڊز، پورٽ قاسم اٿارٽي، پاڪستان مشين ٽولز فئڪٽري، ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن سميت ٻيا وفاقي حڪومت جا ادارا شامل آهن.ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ کي وفاق کان اربين روپين جون اهي رهتون گهرجن ۽ واٽر بورڊ جي اداري وفاقي حڪومت جي هنن ادارن کي پاڻيءَ جي سهولت فراهم ڪئي آهي پر رهتن جي ادائيگيءَ کان محروم رکڻ سنڌ سان زيادتي آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ادارن ڏانهن واٽر بورڊ جي 20 ارب روپين جي رهتن جي وصوليءَ جو معاملو وفاقي حڪومت سان اٿاريندي. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو واٽر بورڊ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪي فور منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ ۽ ڪراچيءَ جي هر گهر ۾ لائينن مان عوام کي پاڻي ڪڏهن فراهم ٿيندو؟ ۽ ڪيسيتائين عوام ٽئنڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪري استعمال ڪندو رهندو؟. سي اِي او واٽر بورڊ ٻڌايو ته ڪي فور جو منصوبو ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيندو جنهن لاءِ واپڊا وفاق کان هلندڙ سال 80 ارب روپيا گهري ورتا آهن، جڏهن ته ڪي فور منصوبي جي گنجائش 260 ايم جي ڊي آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ کي 600 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي ضرورت آهي ان لاءِ واٽر بورڊ وٽ جيترو پاڻي ميسر هوندو ان حساب سان ڪراچي شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ڪري سگهبي، جيڪڏهن حب ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي گنجائش وڌائي ويندي ته پوءِ ڪراچي شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهمي جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪراچيءَ کي 50 سيڪڙو پاڻيءَ جي گهٽتائي سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.