ڪرسيءَ جا پوڄاري پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪارڪنن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن: ايمل ولي

چارسدا (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪرسي جا پوڄاري اڳواڻ ڪارڪنن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن.
چارسدا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايمل ولي خان چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ پنجاب جي ڪارڪنن جي عدم شرڪت سوال اٿاري ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ قيادت ڪارڪنن کي گرم ميدان ۾ ڇڏي ڀڄي وئي، پختون قوم کي اهو ٽولو پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ وڏو وزير احتجاج تي آهي، هو رياست کي رياست سان وڙهائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ قيادت نٿي چاهي ته عمران خان جيل مان نڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.