3 ڏينهن ۾ اسلام آباد پهتا ۽ 3 منٽن ۾ ڀڄي ويا: ناصر شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا 3 ڏينهن ۾ اسلام آباد پهتا ۽ 3 منٽن ۾ ڀڄي ويا.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته 3 کان 10 منٽن ۾ ريڊ زون خالي ڪرايو ويو، جيڪي اڳواڻ پنهنجي ليڊر کي ڇڏرائڻ آيا هئا، ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي ڀڄي ويا.
هن چيو ته انهن کي رليف عدالتن مان رليف ملي سگهي ٿو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پرامن رهندي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪومت انهن کي احتجاج لاءِ جاءِ به ڏيڻ جو چيو پر انهن نه مڃيو.
سندس چوڻ هو ته ملڪي حالتون سڀني جي سامهون آهن، ڏڦيڙي ٽولي جو ڪم رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، محسن نقوي کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، جنهن صبر سان مسئلي کي حل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.