عمران خان تي قتل جو ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران هڪله انٽر چينج ڀرسان پوليس ڪانسٽيبل مارجڻ جو ڪيس پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ عمران خان، علي امين گنڊاپور، سالار خان ڪاڪڙ ۽ شاهد خٽڪ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي روڪ ايڪٽ سميت 14 قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر موجب پي ٽي آءِ باني ۽ قيادت جي مجرماڻي سازش تحت جوابدارن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ڏنڊن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو، جوابدارن جي شيلنگ سبب پوليس ڇڙوڇڙ ٿي.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن ڪانسٽيبل مبشر حسن کي زخمي ڪيو ۽ اغوا ڪري کڻي ويا، پوءِ هڪله پل تان هيٺ ڪيري فرار ٿي ويا، زخمي ڪانسٽيبل کي اسپتال پهچايو ويو پر هو نه بچي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.