ڪراچي: ايس ايس پي ڪورنگي جي آفيس ٻاهران پوليس جي سرڪاري ڪار چوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايس ايس پي ڪورنگي جي آفيس ٻاهران پوليس جي سرڪاري ڪار چوري ٿي وئي.
پوليس اختيارين موجب ڪار ايس ايس پي خيرپور جي استعمال هيٺ هئي، ڊرائيور گاڏي ڪاهي ڪورنگي گودام چورنگي تي سي پي ايل سي جي آفيس آيو هو، جنهن کانپوءِ سرڪاري گاڏي چوري ٿي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته سرڪاري ڪار چوري ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.