”رياست ڪمزور ناهي، ڌرڻي وارن سان ڪي ڳالهيون نه ٿينديون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اعلان ڪيو آهي ته ڌرڻي وارن سان ڪي ڳالهيون نه ٿينديون.
اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته اهي پرامن احتجاج ڪرڻ آيا هئا، توهان سڀني ڏسي ورتو، انهن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان لاش ڪِرن، سڄي ڏڦيڙ پويان هڪ عورت آهي، ڌرڻي وارن سان ڳالهيون نه ٿينديون.
هن چيو ته جيترو نقصان ٿيو ان جي ذميوار هڪ عورت آهي، انتها اها آهي ته رينجرز جا جوان شهيد ٿيا ته انهن چيو پنهنجي گاڏي هيٺان آيا، اهي پاڻ سان گڏ غليل کڻي آيا آهن، ايتري افراتفري باوجود اسلام آباد کليل آهي.
عطا تارڙ ڳالهائيندي چيو ته انهن جي ليکي غليل هلائي آزادي ڏياريندا، رياست ڪمزور ناهي، اهي ڏڦيڙ چاهين ٿا، کين سختي سان منهن ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.