شاگرد يونين جي بحالي بابت درخواست تي اعتراض ختم، حڪومت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شاگرد يونينز بحالي بابت درخواست تي اعتراض ختم ڪندي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ شاگرد يونينز بحالي بابت درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت اسٽوڊنٽس يونين بحالي جي درخواست تي اٽارني جنرل آف پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.