آخري ساهه تائين عمران خان جي آزادي لاءِ بيٺي آهيان: بشريٰ بي بي جو مارچ کي خطاب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري به ڪارڪنن جو حوصلو وڌائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شريڪ آهي ۽ هن ڪارڪنن کي خطاب پڻ ڪيو.
بشريٰ بي بي هزارا انٽر چينج ڀرسان احتجاج ۾ شامل ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين عمران خان اسان وٽ نه ايندو مارچ ختم نه ڪنداسين، مان پنهنجي آخري ساهه تائين عمران خان سان گڏ بيٺي آهيان.
هن چيو ته توهان به منهنجو ساٿ ڏيو، جيڪڏهن توهان منهنجو ساٿ نه ڏيندئو پوءِ به مان بيٺي رهنديس، ڇو ته اها رڳو منهنجي مڙس جي ڳالهه ناهي پر هن ملڪ ۽ ان جي ليڊر جي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو مون کي اميد نه يقين آهي ته پٺاڻ غيرتمند قوم آهي ۽ آخري ساهه تائين ساٿ نه ڇڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.