ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون پنجويهه سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 80 هزار 500 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 143 رپيا واڌ بعد 2 لک 40 هزار 483 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 25 ڊالر اضاف سان 2 هزار 6 سئو 93 ڊالرز ٿي ويئي آهي.
Next Post
You might also like