ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان برقرار آهي ۽ هڪ ٻي تاريخ رقم ٿي وئي، هنڊريڊ انڊيڪس 99 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد به پار ڪري ورتي.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات هاڪاري انداز ۾ ٿي.
اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس 2 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي وڏي اضافي بعد هنڊريڊ انڊيڪس 99 هزار 448 پوائنٽس جي بلند ترين حد تي پهچي وئي.
انڊيڪس ۾ تيزيءَ جو سلسلو جاري رهيو ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 2057 پوائنٽس جي اضافي سان 99385 تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو.
You might also like