اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت، پي ٽي آءِ جي 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ امڪاني احتجاج خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.
تحريڪ انصاف طرفان 24 نومبر تي اعلانيل احتجاج خلاف حڪومت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن لاءِ سنڌ پوليس جا 13 سئو کان وڌيڪ تربيت هيٺ اهلڪار خاص ٽرين ذريعي اسلام آباد روانو ٿي ويا آهن، حڪومت گرفتارين لاءِ مختلف ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت طرفان 26 نمبر چورنگي جي ڀرپاسي گرينڊ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ نفري سوڌو 26 نمبر چورنگي طلب ڪيا ويا آهن.
هوڏانهن اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 23 نومبر کان انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
You might also like