فوج کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندڙ نتيجا ڀوڳيندا: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته آئين اسان تي پاڪستان جي اندروني، ٻاهرين سيڪيورٽي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿو ۽ جيڪو به پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ رنڊڪ بڻجندو، اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو ته نتيجا ڀوڳيندو.
نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر پاڪستاني سپاهي آهي، ان جنگ ۾ ڪو يونيفارم ۾ آهي ۽ ڪو يونيفارم جي بنا ۽ اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي ناسور سان وڙهڻو آهي.
هن چيو ته اسان سڀني تي پاڪستان جو آئين مقدم آهي، آئين اسان تي پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿو ۽ جيڪو به پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ رنڊڪ بڻجندو، اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان آرمي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گورننس ۾ موجود خامين کي روز پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڏئي پورو ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.