هڪ هفتي دوران 7 هزار کان وڌيڪ شهرين تي رولو ڪتن جا حملا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صوبائي حڪومتون رولو ڪتن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويون ۽ هڪ هفتي دوران 7 هزار کان وڌيڪ شهري رولو ڪتن جو نشانو بڻجي ويا.
واٽهڙو شهرين تي رولو ڪتن جي حملن جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل هفتي سڄي ملڪ ۾ 7 هزار کان وڌيڪ شهري رولو ڪتن جو نشانو بڻيا.
اين آءِ ايڇ موجب گذريل هفتي سڄي ملڪ ۾ ڪتن جي شهرين تي حملن جا 7 هزار 90 ڪيس رپورٽ ٿيا، سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ سامهون آيا.
انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 3929، سنڌ ۾ 2252، خيبر پختونخواهه ۾ 541، بلوچستان ۾ 222 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 138 ڪيس سامهون آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.