ڪراچي ايئرپورٽ ۽ لاڳاپيل علائقا روڊ زون قرار، شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن سبب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ان جي لاڳاپيل علائقن کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو آهي.
جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪنهن به غير قانوني سرگرمي جي روڪٿام ۽ شڪي ماڻهن جي داخلا روڪڻ لاءِ پوليس جون واڌو چيڪ پوسٽون به قائم ڪيون ويون آهن.
ملير پوليس جي ترجمان موجب ايئرپورٽ تان اندروني ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ روانو ٿيندڙ مسافر چيڪ پوسٽن تان مڪمل ڪليئرنس کانپوءِ ئي ايئرپورٽ جي حدن ۾ داخل ٿي سگهندا، چيڪ پوسٽون اسٽار گيٽ، سي اي اي ڪلب روڊ، مادام بريج، ماڊل موڙ ۽ اي ايس ايف روڊ چوڪي تي قائم ڪيون ويون آهن.
واڌو چيڪ پوسٽن تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار گڏيل طور چيڪنگ ڪندا، حفاظتي قدم ڪنهن به امڪاني خطري جي روڪٿام، شهرين ۽ مسافرن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ کنيا پيا وڃن.
سيڪيورٽي ادارن طرفان مسافرن ۽ انهن سان گڏ ايندڙ شهرين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٽڪيٽ گڏ رکن، ريڊ زون ۾ غير ضروري داخلا تي پابندي هنئي وئي آهي، ڪنهن به پريشاني کان بچڻ لاءِ شهرين کي اچ وڃ جا ٻيا رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.