نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت پاڪستان ۾ شيڊيول بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻي ويو.
بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 23 نومبر کان پاڪستان ۾ شروع ٿيڻو آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي بلائينڊ ٽيم کي راندين واري وزارت اين او سي جاري ڪيو هو جنهن کانپوءِ ٽيم کي گهرو ۽ پرڏيهي وزارت طرفان اجازت گهربل هئي.
ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري شيلندرا يادو ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزارت طرفان اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته 25 ڏينهن تائين حڪومتي اجازت جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون، ڇو ته هاڻي ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ واري آهي.
شيلندر يادو وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي پرڏيهي وزارت سان فون تي رابطو ٿيو، پرڏيهي وزارت جي اختيارين چيو ته هو پاڪستان جي دوري جي اجازت نٿا ڏئي سگهن، اين او سي کان انڪار جو باظابطا ليٽر پڻ جاري ڪيو ويندو.
You might also like