اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ غير قانوني ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه نجي اسپتالون ملوث نڪتيون آهن.
اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ گردن جي عير قانوني پيوندڪاري جو انڪشاف سامهون آيو آهي، غير قانوني ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪئي وئي، جيڪا اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان ڪئي وئي.
ذريعن موجب اسلام آباد جون ٻه نجي اسپتالون غير قانوني ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۾ ملوث آهن، 99 سيڪڙو غير قانوني پيوندڪاري جا ڪيس هڪ نجي اسپتال مان رپورٽ ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته غير قانوني ٽرانسپلانٽ وارين اسپتالن جا ڪيس صحت واري وزارت کي موڪليا ويا آهن ۽ اهي ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي جو فيصلو صحت واري وزارت ڪندي.
You might also like