گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستانين تي ويزا پابندي، سفارتخاني جو بيان سامهون اچي ويو

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) امارات ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاڪستانين تي ويزا پابندين بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پاڪستاني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته ميڊيا رپورٽن ۾ ڪيل دعوائون حقيقتن جي ابتڙ آهن.
سفارتخاني طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ مضبوط ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي حڪومتون سرڪاري چينلز ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
پاڪستاني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اماراتي اختيارين سان ويجهو سهڪار جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.