اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 24 نومبر تي ڪا آزادي نه پئي ٿئي، ڇو ته پي ٽي آءِ باني کي بچائڻ لاءِ ڪير به مخلص ناهي، سڀ سمجهوتي وارا ماڻهو پارٽي ۾ موجود آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته اها ڊرامي بازي عمران خان جي آزادي لاءِ ٿي رهي آهي پر عمران جو سودو ڪري پي ٽي آءِ جا ماڻهو رليف وٺي رهيا آهن، احتجاج ۾ 50 هزار ماڻهو اچن يا 50 لک ڪو فرق نه پوندو، 25 نومبر تي عمران خان تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي، تنهن ڪري 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو.
هن چيو خواهش آهي ته پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ رهندي سندس پارٽي فائدو نه کڻي ۽ نه پئسو ٺاهي، عمران خان کي بچائڻ لاءِ هاڻ ان وٽ ڪو ناهي بچيو، غريبن کي مارائڻ لاءِ اهي سڀ گڏجي ڊرامو ڪري رهيا آهن.
You might also like